پاڪستان گرلس گائيڊ ائسوسيئيشن جو مونوگرام

پاڪستان گرلس گائيڊ ائسوسيئيشن جو مونوگرام

پاڪستان گرلس گائيڊ ايسوسيئيشن

پاڪستان گرلس گائيڊ ايسوسيئيشن: هيءَ ايسوسيئيشن پاڪستان ٺهڻ بعد ترت ٺاهي وئي، جيڪا ڇوڪرين جي واحد تنظيم هئي. 1948ع ۾ ”ورلڊ ايسوسيئيشن آف گرل گائيڊ اينڊ گرل اسڪائوٽس“ جي ميمبرشپ ماڻي تنظيم کي وڌيڪ فعال ڪيو ويو. اصل ۾ اها ”انڊين گرلس گائيڊنگ“ جو تسلسل ليکي وڃي ٿي، جنهن جو بنياد 1911ع ڌاري پيو هو. 2003ع جي انگن اکرن مؤجب پاڪستان گرل گائيڊ ايسوسيئيشن ۾ 71478 ميمبر آهن. هن تنظيم جو اصل مقصد ڇوڪرين ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي بهترين شهري هئڻ جو درس ڏيڻ آهي. هيءَ ايسوسيئيشن ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: جونيئر گائيڊس (عمر: 11 سال ۽ ان کان گهٽ) گرل گائيڊ (عمر 12 کان 16 سال) سينيئر گائيڊ (عمر 17 کان 21 سال)


لفظ پاڪستان گرلس گائيڊ ايسوسيئيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو